ڌُر چارو

ڌُر چارو (گاهه): هيءُ گاهه جو هڪ قسم آهي، جيڪو Graminaea خاندان سان تعلقي رکي ٿو. هن گاهه جو نباتاتي نالو Phalaris Murioata آهي. هيءُ آهستي آهستي وڌنڌڙ گاهه آهي، جيڪو ڊيگهه ۾ تقريباً 6 کان 12 انچ جو ۽ ننڍن حفاظتي پنن سان ٿئي ٿو، پنن جي سطحي بجدار ٿئي ٿي ۽ جيڪي هوا ۾ لڏندي سهڻا نظر اچن ٿا. ڏانڊي تي گلن جو ڇڳو معمولي زهريلو (گهڻي مقدار ۾ واپرائڻ وقت صورتحال) ٿيندو آهي. هن گاهه جي ڏانڊي تي ننڍن ننڍن گلن جو سڄو هڪ گل وانگر ڏسجي ٿو. جنهن جون پنکڙيون، نوڪيليون ۽ کهريون (ڪانڊاريل) ٿين ٿيون.
جيمز اي. موري جي ڪتاب Plants and Drugs of Sindh جي صفحي 14 ۾ آيل بيان موجب: هي گاهه ڪراچي جي ساحلي علائقن ۽ مالابار ۾ جهجهي تعداد ۾ ٿئي ٿو، ان ڪري پاڻمرادو ڦٽيل ان گاهه جي ايراضي ٻڪرين، رڍن توڙي ٻين پالتو جانورن لاءِ چراگاهه (گاهه جي ميدان) طور ڪتب ايندي آهي. موجوده وقت ۾ آبادي جي واڌ سبب ۽ ساحلي علائقن ۾ تفريحي جاين جي بناوٽ سبب هن گاهه جي وڌاءُ ۾ ڪافي گهٽتائي آئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو